ڪشمير تڪرار هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي، مسئلي کي سموري دنيا ۾ اجاگر ڪيو ويندو:نفيس ذڪريا

nafis zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تي سخت ڳڻتي آهي، ڪشمير تڪرار هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي، مسئلي کي سموري دنيا ۾ اجاگر ڪيو ويندو.

هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن بابت تنظيمن ۾ والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ماڻهن مٿان ظلم وارو مسئلو اٿاريو آهي.

هن چيو ته ڀارتي فوج هٿين خالي ڪشميرين تي گوليون هلائي رهي آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ناهي ٿيو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي

نفيس ذڪريا چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪشميرين جي قتل عام جي مذمت ڪري چڪو آهي ۽ اهو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ڀرپور نموني اٿاريو ويندو.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڊگهي عرصي کان ڪوششون ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن جي  بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*