آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم سري لنڪا خلاف رٿيل ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ۾ مصروف

austrilia

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم سري لنڪا خلاف رٿيل ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ۾ مصروف آهي،ڪينگروز جي ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ چيو آهي ته هو فتح لاءِ گهڻو پراميد آهي.

آسٽريلوي ٽيم ميزبان سري لنڪا خلاف ٽي-ٽيسٽ ميچز پنج ون ڊي ۽ ٻه ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ڪولمبو ۾ موجود آهي.

ڪينگروز جي ٽيم اهم سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

تيارين واري سلسلي ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون  ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

پريڪٽس سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان سندس ٽيم جي ڪارڪردگي ايشين ڪنڊيشنز ۾ بهتر ثابت ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن ڀيري به ٽيم جي سمورن رانديگرن اهم سيريز ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لآءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته کين فتح نصيب ٿيندي.

ان موقعي تي سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز جو چوڻ هوته ڪجهه سالن کان ٻاهرين ٽيمن جي ڪارڪردگي سندس سرزمين تي سٺي ثابت ٿي آهي، جنهن سبب ٽيم جي رانديگرن کي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*