پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

pak-vs-eng

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ کان پهرين قومي ٽيم ٻن پريڪٽس ميچز ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي ڊرا ٿيون.

ٻنهي ميچز ۾ قومي ٽيم ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو ۽ ميچز ڊراٿيون.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون 5سال 10 مهينا ۽14 ڏينهن بعد لارڊز جي ميدان تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي رهيون آهن.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح  الحق جو امتحان آهي ، جڏهن ته سڀني جون نظرون فاسٽ بالر محمد عامر مٿان کتل آهن.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ِٽيمون مجموعي طور تي 77 ٽيسٽ ميچز ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي چڪيون آهن، جن مان 18 ميچز ۾ قومي ٽيم کي فتح نصيب ٿي ،جڏهن ته 22ميچز ۾ شڪست قومي ٽيم جو مقدربڻي.

ڇهه سال پهرين اسپاٽ فڪسنگ ڪيس لارڊز جي ميدان تي سامهون آيو،جنهن ۾ سلمان بٽ، محمد َآصف ۽ محمد عامر ملوث ثابت ٿيا،جن مان محمد عامر جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي۽ واپسي بعد هو پهريون ڀيرو ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته لارڊز جي ميدان تي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي 14 ٽيسٽ ميچز ٿي چڪيون آهن،جن مان قومي ٽيم کي ٻن ميچز ۾ ڪاميابي نصيب ٿي، جڏهن ته 6ميچز ۾ شڪست ۽ 6 ٽيسٽ ميچز ڊرا ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*