وڪيل ابراهيم ابڙو بئنڪن مان ڦر ڪندڙ گينگ جو ميمبر آهي:آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه

ibrahim-abro

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان شبير سيٺار چيو آهي ته ملير مان اغوا ڄاڻايل  وڪيل ابراهيم ابڙي کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي بئنڪ ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته وڪيل ابراهيم ابڙو بئنڪن مان ڦر ڪندڙ گينگ جو ميمبر آهي.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل ابراهيم ابڙو کي ٻن ساٿين عمران ۽  امان الله ٻرڙو سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان موجب جوابدارن کي بئنڪ مان ڌاڙي جي واردات واري سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته پوليس وٽ جوابدار ابراهيم ابڙو خلاف ٺوس ثبوت موجود آهن ۽ جوابدار جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جو چوڻ هو ته جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ بدين سميت مختلف شهرن ۾ وارداتون ڪيون، جن جو هن وڊيو بيان ۾ اعتراف به ڪيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز جوابدار جي اعترافي بيان واري وڊيو هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ جوابدار بئنڪ مان ڦر جي وارداتن بابت تفصيل ٻڌائي رهيو آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته وڪيل ابراهيم ابڙو بئنڪن مان ڦر ڪندڙ گينگ جو ميمبر آهي ۽ ابراهيم ابڙو پاران بئنڪ مان ڪيل ڦر جا سي سي ٽي وي فٽيجز موجود آهن.

آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ابراهيم ابڙو بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس ويندڙن کان ڦر ڪندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*