ٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ساڍا 6 مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 395 ٿي ويو

THar child dead

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ بيمارين ۽ غذائيت جي  کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ساڍا 6 مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي  395 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ مٺڙائو دل جي رهواسي عبدالله جو 5 ڏينهن جو پٽ ۽ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ماويو ڀيل جي رهواسي سوائي ڀيل جو 7 ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويا.

اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ 2 ڏينهن جو ٻارڙو بابو پٽ مڪيش ۽ ننگر پارڪر جي اسپتال ۾ درياهه خان جو هڪ ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويا.

ڏڪاريل ٿر ۾ ساڍا 6 مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جو تعداد وڌي 395 ٿي ويو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*