اسلام آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موئڪل تي هئڻ سبب ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي

dr-imran-farooque-qatal-cas

اسلام آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موئڪل تي هئڻ سبب ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سيد ڪوثر جي موئڪل تي هئڻ سبب وڪيل دليل نه ڏئي سگهيا.

عدالتي حڪمن باوجود ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر مقرر نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته ڪيس جو حتمي چالان به هيل تائين پيش ناهي ڪيو ويو.

عدالت اڄوڪي ٻڌڻي لاءِ ايف آءِ اي کي پراسڪيوٽر مقرر ڪري جوابدارن جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

واضح رهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي ۽ سيد محسن سميت 3 جوابدار گرفتار آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*