ٽنڊي محمد خان جي عدالت نجي بئنڪ ٻاهران ڦر واردات ۾ گرفتار جوابدار وڪيل ابراهيم ابڙو کي ٽن ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي نارا جيل موڪلي ڇڏيو

ibrahim-abro

ٽنڊي محمد خان جي عدالت نجي بئنڪ ٻاهران ڦر واردات ۾ گرفتار جوابدار وڪيل ابراهيم ابڙو کي ٽن ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي نارا جيل موڪلي ڇڏيو، سندس ٻه ساٿي عمران ٻرڙو ۽ امان الله ٻرڙو کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

نجي بئنڪ ٻاهران ڦر واردات ۾ گرفتار جوابدار وڪيل ابراهيم ابڙو ۽ سندس ٻن ساٿين عمران ٻرڙو ۽ امان الله ٻرڙو کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدار وڪيل ابراهيم ابڙو کي ٽن ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي نارا جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته سندس ٻن ساٿين عمران ٻرڙو ۽ امان الله ٻرڙو کي جسماني ريمانڊ تي ٽن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو.

ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 15 ڏينهن اڳ بئنڪ ٻاهران ڦر واردات ٿي هئي، جنهن ۾ وڪيل ابراهيم ابڙو ۽ سندس 5 ساٿي ملوث آهن.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان چيو ته جوابدارن ٽنڊوالهيار، سڪرنڊ ۽ بدين ۾ پڻ بئنڪن ٻاهران ڦر وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جيڪي پئسا پڻ واپس ڪرايا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*