اويس شاهه جي اغوا خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي جي مختلف عدالتن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو

khirpur-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه بازيابي جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو آهي، جڏهن ته اويس شاهه جي اغوا خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي جي مختلف عدالتن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

اويس شاهه بازيابي جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 20کان وڌيڪ ججز شرڪت ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس ۾ اويس شاهه جي اغوا واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

اويس شاهه جي اغوا خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي  ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*