بدين ويجهو هڪ هفتو اڳ مارجي ويل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سومرا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

badin-somra-protest

بدين  ويجهو هڪ هفتو اڳ مارجي ويل نوجوان جا قاتل  گرفتار نه ٿيڻ خلاف سومرا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ خليفو ابراهيم سومرو جي رهواسن منظور سومرو، حنيف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ قاضيا واهه وٽ ڌرڻو هڻي ڪراچي ۽ بدين ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

مظاهرين چيو ته هڪ هفتو اڳ شاخ جي کاٽي واري معولي تڪرار تان هٿيار بندن  فائرنگ ڪري نوجوان نور محمد سومرو کي قتل ڪيو هو، پر اڃان تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيو ته نوجوان جي قتل جو وارثن پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران انهن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن  ٻن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويندو……………..

 ۾هڪ هفتو اڳ قتل ٿي ويل نور مح محمد سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿين خلاف سومرا برادري پاران

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*