بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ايڌي فائونڊيشن لاءِ 50 لک رپين جي امداد جو اعلان

cm-balochistan

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ايڌي فائونڊيشن لاءِ 50 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا کانپوءِ سنڌ- بلوچستان دنگ تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي.

ثناءُ الله زهري ايڌي سينٽر ڪراچي ۾ عبدالستار ايڌي جي پٽ فيصل ايڌي سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان سان ٽن ملڪن جون سرحدون لڳن ٿيون ۽ سرحدن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي.

هن چيو ته فيصل ايڌي ٻڌايو ته ايڌي سينٽر مان چوري جي جوابدارن جو واسطو بلوچستان سان آهي، جاچ ڪري انهن کي سوگهو ڪيو ويندو.

هن چيو ته اويس شاهه جي اغوا کانپوءِ بلوچستان سان لڳندڙ سرحدن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ ملڪ ۾ امن امان لاءِ برقرار رکڻ ڪوششون جاري آهن.

ثناءُ الله زهري چيو ته سڀني کي عبدالستار ايڌي جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*