فيصل آباد ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا پوسٽر لڳائڻ تي موو آن پارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي

army-chief

فيصل آباد ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا پوسٽر لڳائڻ تي موو آن پارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

فيصل آباد: چنيوٽ بازار واسي عامر شهزاد نالي شهري موو آن پارٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موو آن پارٽي پاڪ فوج ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي.

درخوستگذار مطالبو ڪيو ته آرمي چيف جا پوسٽر لڳائڻ غير قانوني قدم آهي، موو آن پارتي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

واضح رهي ته اسلام آباد، لاهور، ملتان فيصل آباد،  سميت مختلف شهرن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف بابت پوسٽر ۽ بينر لڳايا ويا هئا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*