سستي ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ ججز کي وڌيڪ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو:لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه

Lahore-High-Court

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سستي ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ ججز کي وڌيڪ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس منصور شاهه چيو ته عدليا تي تنقيد ڪندڙ رڳو ايترو ٻڌائن ته فلاڻو جج ٺيڪ ناهي، الزام ثابت ٿيڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته هــُـو خاطري ڪرائي ٿو ته ججز ڪو به مسئلو پيدا نه ڪندا، مسئلن جي حل لاءِ عدالتن اندر سمورا ججز موجود آهن، جڏهن ته معاشري جي سڌاري لاءِ عديلا کي مثالي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ چيو ته هـــر عدالت ۾ 2 ڪئمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هـــــاڻي ڪو به جج وڪيل سان بدتميزي نه ڪري سگهندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*