ٽنڊي الهيار ۾ اوڏ برادري جي ماڻهن بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو

tando-allayar-protest

ٽنڊي الهيار ۾ اوڏ برادري جي ماڻهن بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اوڏ برادري عورتن رخسانه ۽ سنگيتا اوڏ سميت ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران بااثر خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين دانهيو ته بااثرن عورتن رخسانه ۽ سنگيتا اوڏ شادي ميرپورخاص واسي سريش ڪمار ۽ گل اوڏ سان ڪرائي وئي هئي، جتي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو.

هنن چيو ته عورت جي مڙسن خلاف دانهڻ تي کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب هو پريشان آهن.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بااثر جيئڻ تننگ ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*