سنڌ ۾ 80 سيڪڙو فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، سڀ بدعنوانين ۾ ملوث آهن:چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي

Supreme-Court-14-4-16

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي، پنجاب جي آبپاشي انجنيئر جي ضمانت واري ڪيس ۾ رماڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، سڀ بدعنوانين ۾ ملوث آهن.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پنجاب جي آبپاشي انجنيئر  اصغر ڊوگر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران رماڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته پنجاب جو ته پتو ناهي، پر سنڌ ۾ 80 سيڪڙو فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا.

عدالت رماڪس ڏنا ته سنڌ ۾ رڳو 20 سيڪڙو فنڊ خرچ ٿيندا آهن، انفرادي ڪرپشن ممڪن ناهي، مٿان کان هيٺان تائين سڀ ملوث هوندا آهن.

عدالت پنجاب جي آبپاشي انجنيئر جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*