پاڪستان پيپلز پارٽي، عظيم سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

islamabadnationalassemblyi0

پاڪستان پيپلز پارٽي، عظيم سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عبدالستار ايڌي عظيم انسان هو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جو ڳرو نقصان ٿيو آهي، ايوان عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

پيپلز پارٽي جي غلام رسول ڪوريجي، مخدوم مصطفيٰ محمود ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته ايوان عظيم انسان عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، ۽ رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته عبدالستار ايڌي عظيم انسان هو، جنهن سموري زندگي انسانيت جي خدمت ۾ گذري انسان دوست هئڻ جو ثبوت ڏنو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*