برطانيه جي نئين وزيراعظم ٿريسا مي عهدو سنڀالڻ بعد لنڊن جي اڳوڻي ميئر بورس جانسن کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان سونپي ڇڏيو

theresa may

برطانيه جي نئين وزيراعظم ٿريسا مي عهدو سنڀالڻ بعد لنڊن جي اڳوڻي ميئر بورس جانسن کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان سونپي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته يورپي يونين سان ڳالهين لاءُ برطانيه کي وڌيڪ وقت گهربل آهي. ٿريسا مي عهدو سنڀالڻ بعد جرمني جي چانسلر اينگلا مرڪل ۽ فرانس جي صدر فرانسوا اولاند کي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته يورپي يونين کان نڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ برطانيه کي وڌيڪ وقت گهربل آهي. ٿريسا مي نئين ڪابنيا جي پنج وزيرن جو اعلان ڪيو آهي، بورس جانسن کي فلپ هيلمنڊ جي جاءِ تي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، هيلمنڊ کي ناڻي جي وزارت ڏني وئي آهي، نئين ڪابينا ۾ ڊيوڊ ڊيوس کي يورپي يونين مان نڪرڻ لاءِ قائم ڪيل نئين شعبي جو قلمدان ڏنو ويو آهي، ليئم فاڪس کي عالمي تجارت جي وزارت  ۽ ايمبر رِڊ کي گهرو وزارت ڏني وئي آهي، جڏهن ته مائيڪل فالن بچاءَ واري وزير طور ذميوارين نڀائيندو رهندو. بورس جانسن برطانيه جي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ وڏي مهم هلائي هئي، جنهن ڪري کيس ڊيوڊ ڪيمرون جو جانشين سمجهيو پيو وڃي پر پنهنجي ويجهي ساٿي پاران حمايت واپس وٺڻ سبب کيس پنهنجو نالو واپس وٺڻو پيو هو.  49 سالن جي ڊيوڊ ڪيمرون ريفرنڊم ۾ عوام پاران يورپي يونين مان نڪرڻ جي حمايت کانپوءِ اربع تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن بعد  ٿريسا مي کي وزيراعظم چونديو ويو، جيڪا برطانيه جي ٻي عورت وزيراعظم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*