سعودي عرب ۾ بم ڌماڪن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

JUI-protest

سعودي عرب ۾ بم ڌماڪن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

قمبر ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي شهرين مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ، جنهن کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سعودي عرب ۾ بم حملن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ميرپورماٿيلو ۾ جي يو آءِ پاران اسحاق لغاري، حميد الله چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان باءِ تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن چيو  ته ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي، جيڪا ڪشميري مسلمانن سان نا انصافي آهي.

اڳواڻن چيو ته سعودي عرب ۾ دهشتگردن پاران بم ڌماڪن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين انجام تائين پهچايو وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*