وفاقي ڪابينا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف عالمي برادري آڏو ڀرپور نموني آواز اٿارڻ ۽ اڱاري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

Kashmir Protest

وفاقي ڪابينا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف عالمي برادري آڏو ڀرپور نموني آواز اٿارڻ ۽ اڱاري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي مسلمانن مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي هر صورت ۾ حمايت جاري رکندو.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس لاهور ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير چوڌري نثار، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر جنجوعا، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري، پرويز رشيد، طارق فاطمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فرانس، سعودي عرب ۽ انڊونيشا سميت مختلف ملڪن اندر دهشتگرد واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

ترجمان موجب، اجلاس ۾ عظيم سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي ۽ مشهور قوال امجد صابري جي بلند درجن لاءِ خاص دعا گهري وئي.

اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري بريفنگ ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڀارتي بربريت باوجود والاريل ڪشمير ۾ آزادي واري تحريڪ ختم ٿيڻ بدران زور وٺي وئي آهي ۽ 8 ڏينهن کان مسلسل مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

اجلاس دوران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف عالمي برادري آڏو ڀرپور نموني آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزير اعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت خلاف اڱاري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڀارت هٿين خالي ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي هر صورت ۾ حمايت جاري رکندو.

هن چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت تي سخت ڳڻتي آهي، اسلام آباد هڪ ايٽمي طاقت ۽ مسلمان ملڪ جي حيثيت سان ڪشميرين سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندو.

سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان شهيد ٿيل برهان واني آزادي جو سپاهي هو، ڀارت جي 7 لک فوج ڪشميرين جو آواز کي دٻائي نٿي سگهي.

وزير اعظم چيو ته سمورا ملڪي ادارا ڀارتي بريريت خلاف آواز اٿارين، مظلوم ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ هر مثبت قدم کنيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*