ٽنڊي محمد خان ۾ بئنڪ ٻاهران ڦر ڪيس ۾ گرفتار وڪيل ابراهيم ابڙو بابت ايس ايس پي ملير ۽ سي ٽي ڊي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

sindh highi court

ٽنڊي محمد خان ۾ بئنڪ ٻاهران ڦر ڪيس ۾ گرفتار وڪيل ابراهيم ابڙو بابت ايس ايس پي ملير ۽ سي ٽي ڊي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، پوليس موجب ابراهيم ابڙو مٿان ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي 2 ڪيس به داخل آهن، مٿس ڦر، پوليس مقابلن ۽ قتل جي ارادي سميت ٻيا الزام آهن، ابراهيم ابڙو جو چوڻ آهي ته هــُو ڪڏهن نه ٽنڊو محمد خان آيو ۽ نه ئي ڦر ڪئي، خبر ناهي ته کيس ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٽنڊي محمد خان ۾ نجي بئنڪ ٻاهران ڦر ڪيس ۾ گرفتار ابراهيم ابڙو جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ سي ٽي ڊي پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو.

ايس ايس پي ملير پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ابراهيم ابڙو مٿان ڦر، ڌاڙي، پوليس مقابلن ۽ قتل جي ارادي سميت ٻيا الزام آهن، جنهن جا ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي 2 ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

ايڊووڪيٽ حق نواز ٽالپر عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ابراهيم ابڙو کي 11 جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد 12 ۽ 13 جولاءِ تي مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ابراهيم ابڙو ايڊووڪيٽ کي ٽنڊو محمد خان پوليس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو هو، جنهن کيس ٽن ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*