ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي دوران عزير بلوچ گروپ سان واسطو رکندڙ 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangers-

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي دوران عزير بلوچ گروپ سان واسطو رکندڙ 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، بلديا ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي سهولتڪار عزيز الرحمان عرف طورِي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  لياري جي سينگولين ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري  عزير بلوچ گروپ  سان واسطو رکندڙ 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي.

ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدار دستي بم حملن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته سندس  5 ساٿي فرار ٿي ويا آهن.

ايس پي بلديا ٽائون موجب شانتي نگر قبرستان وٽ ڪارروائي دوران دهشتگرد عزيز الرحمان عرف طورِي کي ساٿي نوشاد سميت گرفتار ڪيو ويو.

ايس پي بلديا موجب جوابدار عزيز الرحمان عرف طوري بندش پيل تنظيم جو سهولتڪار آهي، جيڪو پوليس مقابلن ۽ قتل ڪيسز ۾ گهربل هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*