سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف شهرن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

bhan-protest

سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف شهرن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جڏهن ته قاضي احمد ۽ ڀان سيد آباد ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي.

بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊڊشيڊنگ خلاف قاضي احمد ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته قاضي احمد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن  ۾ روزانو 15 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي وڃي، جنهن ڪري ڪاروباري  متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيوته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي شهرين کي عذاب کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ڀان سيد آباد ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ريلي ڪڍي مک چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳڙهي خيرو ۾ لوڊشيڊنگ خلاف دائو جهانپور جي رهواسين ريلي ڪڍي جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

رتي ديري ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مختلف علائقن مان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف  جسقم ڪارڪنن بشير جوڻيجو ۽ ٻين  جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  ناري ۾ گذريل ڏينهن کان بجلي بند هئڻ ڪري نارا ڪينال جا 26 لفٽ چئنلز ۽ 82 واٽر ڪورس بند هئڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊڊشيڊنگ جو سلسلو فوري طور بند ڪري سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*