وفاقي ڪابينا چٽا ڀيٽي واري امتحان لاءِ عمر جي حد 28 مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

wafaqi-cebnite

وفاقي ڪابينا چٽا ڀيٽي واري امتحان لاءِ عمر جي حد 28 مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمر جي حد وڌائڻ جو سبب پٺتي پيل علائقن جي نوجوانن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سي ايس ايس جي امتحان لاءِ مقرر عمر وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي.

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران هر سال منعقد ٿيندڙ چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ عمر جي حد 28 مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ترقياتي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ اهڙي فيصلي جي تصديق ڪئي.

احسن اقبال چيو ته عمر جي حد وڌائڻ جو سبب پٺتي پيل علائقن جي نوجوانن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*