پاڪستان ڪشن گنگا ڊيم تڪراري منصوبي تي ڀارت خلاف عالمي ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

khuwaja-asif-

پاڪستان ڪشن گنگا ڊيم تڪراري منصوبي تي ڀارت خلاف عالمي ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو،  خواجه آصف چيو آهي ته تڪراري منصوبي تي ڀارت سان اڍائي سالن تائين ڳالهيون ڪيون، پر ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشن گنگا ڊيم بابت عرصي کان تڪرار هلندڙ آهي، 2 سال ڳالهيون جاري رهڻ باوجود ڪو مثبت نتيجو نه نڪتو.

پاڪستان ڊيم رٿا کي تڪراري بڻائڻ تي ڀارت خلاف عالمي ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

خواجه آصف چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي موجب ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي، تڪراري منصوبي تي اڍائي سالن تائين ڳالهيون جاري رهڻ باوجود مسئلو حل نه ٿيو.

پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان تڪراري ڊيم واري مسئلي جي حل لاءِ عالمي عدالت جو در کڙڪائيندو، اميد آهي ته فيصلو اسلام آباد جي حق ۾ ئي ايندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*