حيدرآباد ۾ هڪ گاڏي مان ناري ۽ نوجوان جا لاش هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل

hyderabad-qabkushai

حيدرآباد ۾ هڪ گاڏي مان ناري ۽ نوجوان جا لاش هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، پوليس جو چوڻ آهي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ناري جي قبرڪشائي ڪري سندس جسم جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

حيدرآباد جي واپڊا ڪالوني مان 17 جون تي هڪ گاڏي مان ناري بينظير ۽ نوجوان مصطفيٰ شيخ جا لاش هٿ ڪيا ويا، پر اڃان تائين معاملي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

ايس پي هيڊ ڪوارٽر سوائي عزيز ٽالپر جو  چوڻ آهي ته ٻنهي جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ناري جي گذريل ڏينهن قبرڪشائي ڪري جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

ايس پي سوائي عزيز ٽالپر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ناري ۽ نوجوان جي وارثن جي فرياد تي حسين آباد ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيون آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*