عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزير اعظم کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

Shaikh-Rasheed1

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزير اعظم کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزير اعظم اثاثن جا تفصيل لڪائي قوم سان ڪوڙ ڳالهايو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي وزير اعظم نواز شريف خلاف ريفرنس داخل ڪرايو.

شيخ رشيد اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته اثاثن جا تفصيل لڪائڻ کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف اهل ناهي رهيو، تنهنڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ به وزير اعظم خلاف ريفرنس داخل ڪرائي چڪيون آهن، پر اليڪشن ڪميشن غير فعال هئڻ سبب هيل تائين ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*