سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عدليا خلاف مهم جو نوٽيس وٺندي چيئرمين پي ٽي اي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پيمرا چيئرمين کي نوٽيس جاري

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عدليا خلاف مهم جو نوٽيس وٺندي  چيئرمين پي ٽي اي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پيمرا چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پوليس ايڪٽ 2011خلاف اڳوڻي آءِ جي شعيب سڊل پاران درخواست واپس وٺڻ تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ بئنچ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عدليا خلاف مهم جو نوٽيس ورتو.

عدالت  چيئرمين پي ٽي اي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پيمرا چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن21 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ پوليس ايڪٽ 2011 خلاف  اڳوڻي آءِ جي شعيب سڊل پاران درخواست واپس وٺڻ تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ايڪٽ 2011 سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيو، جنهن کي چئلنج ڪيو ويو ويو آهي ۽ اهو بدامني ڪيس جو حصو نٿو ٿي سگهي ۽ ان بابت ڌار درخواست داخل ڪرائي سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*