قومي ٽيم لارڊز ٽِيسٽ ميچز جي پهرين ڏينهن پڄاڻي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 282رنز اسڪور ڪيون

pak-vs-englind

انگلينڊ خلاف جاري چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچز جي پهرين ڏينهن ڪپتان مصباح الحق شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ بعد پش اپس هڻي دنيا کي پنهنجي فٽنس ڏيکاري ڇڏي ته هو 42سالن جي عمر۾ به سڀني کان وڌيڪ فٽ ڪرڪيٽر آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ٽاس کـٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

قومي ٽيم لارڊز ٽِيسٽ ميچز جي پهرين ڏينهن پڄاڻي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 282رنز اسڪور ڪيون.

قومي ٽيم پاران ڪپتان مصباح الحق ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 10هين جڏهن ته ڪپتان جي حيصيت سان 8هين سنچري اسڪور ڪئي.

مصباح الحق 42 سال 47ڏينهن جي عمر ۾ سنچري اسڪور ڪندڙ پاڪستان جو پهرين ۽ دنيا جي ڪرڪيٽ جو ٽيون ڪپتان بڻجي ويو، لارڊز ۾ ستون پاڪستان بيٽمسين بڻجي ويو، جڏهن ته هن لارڊز جي ميدان تي پهرين ٽيسٽ ۾ کيڏندي سنچري اسڪور ڪئي.

مصباح الحق 179 بالن تي 110رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته اسد شفيق 73، محمد حفيظ40 ۽ يونس خان 33رنز جي اننگ کيڏي.

انگلينڊ جي ٽيم پاران ڪس ووڪس چار،جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ ۽ جيڪ بال هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*