مصباح الحق جي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو: شهريارخان

musba

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي مصباح الحق جي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي هو کيس مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان هن وقت لنڊن ۾ موجود آهي، جتي هو ٽيم جي ميچز کي ڏسي رهيو آهي.

پي سي بي چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته مصباح الحق هن عمر ۾ شاندار سنچري اسڪور ڪري نوجوانن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته فٽنس کي بهتر بڻائڻ ۾ هو پاڻ محنت ڪن ته وڏي عرصي تائين فٽ رهي سگهن ٿا.

شهريارخان چيو ته مصباح الحق جي شاندار بيٽنگ سبب قومي ٽيم جي پوزيشن لارڊز ٽيسٽ ۾بهتر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مصباح الحق سان گڏ اسد شفيق، محمد حفيظ ۽يونس خان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو  آهي.

شهريارخان جو چوڻ هو ته بيٽنگ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي هو مصباح الحق کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ هوگهڻُو پراميد آهي ته ٽيم جا بالرز به سٺي بالنگ ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*