يونيورسٽي آف لنڪا شائر 1992 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل جي هيرو اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کي اعزازي فيلو شپ جي ڊگري ڏئي ڇڏي

waseem-akram

 يونيورسٽي آف لنڪا شائر 1992 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل جي هيرو اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کي اعزازي فيلو شپ جي ڊگري  ڏئي ڇڏي آهي.

دنيا جي ڪرڪيٽ جي بهترين آلرائونڊڙ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ڪيريئر دوران 11 ورهين تائين لنڪا شائر ڪائونٽي سان لاڳاپيل رهيو ۽ هن ڪائونٽي جي قيادت پڻ ڪئي.

پنهنجي دور جي عظيم الرائونڊر وسيم اڪرم جي مان ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن ۾ سندس مداحن سميت يونيورسٽي انتظاميه جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وسيم اڪرم چيو ته زندگي ۾ ڪوبه شارٽ ڪٽ نه آهي، ڪجهه ٿيڻ لاءِ سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي.

وسيم اڪرم قومي ٽيم پاران 104 ٽيسٽ ميچز ۾ نمائندگي ڪندي 2 هزار 8سو 98رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ 3سنچريون ۽7 ففٽيون شامل آهن.

ٽيسٽ ميچز ۾ وسيم اڪرم 414 وڪيٽون حاصل ڪيون،جنهن ۾ 25 ڀيرو ميچ ۾ 5 وڪيٽون ۽ 5 ڀيرا ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون.

وسيم اڪرم 356 ون  ڊي ميچز ۾ 3 هزار 7سو 17رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ 6 ففٽيون شامل آهن، جڏهن ته هن 502 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن ۾ 17ڀيرا ميچ ۾ چار وڪيٽون، جڏهن ته 6 ڀيرا ميچ ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*