نيب جي ٽيم ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم کاتي جي آفيس تي ڇاپو
نيب جي ٽيم ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم کاتي جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران سيڪريٽري تعليم جي غير موجودگي ۾ عملدارن کان پير مظهر جي دور ۾ ٿيل ڀرتين ۽ ترقياتي ڪمن جي رڪارڊ بابت پڇاڻو ڪيو ويو.
نيب جي ٽيم تعليم کاتي جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ۽ ٻيا عملدار موجود نه هئا.
سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن جي غير موجودگي ۾ نيب عملدارن تعليم کاتي جي سيڪشن آفيسرز کان پير مظهر جي دور ۾ ٿيل ڀرتين ۽ ترقياتي ڪمن جي رڪارڊ بابت پڇاڻو ڪيو .
ذريعن موجب نيب عملدارن تعليم کاتي جي سيڪشن آفيسرن کان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي آفيس ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين رڪارڊ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.