حڪومت ۽ اپوزيشن اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري لاءِ امڪاني نالا تجويز ڪري ڇڏيا

elecation-commiction22-8

حڪومت ۽ اپوزيشن اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري لاءِ امڪاني نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تيار ڪري حڪومت ڏانهن اماڻيل شارٽ لسٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، پنجاب مان جسٽس رٽائرڊ وقار حسين مير، جسٽس رٽائرڊ ابراهيم الطاف ۽ شهدان شريف جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز لاءِ سنڌ مان مرزا مسعود، جسٽس رٽائرڊ،(ر) فرخ ضياءَ ۽ اڳوڻو سفير عبدالله عبدالمالڪ جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن.

خورشيد شاهه پاران اماڻيل شارٽ لسٽ ۾ ڪي پي مان صاحبزاده سعيد، حبيب الله خٽڪ ۽ جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ ۽ بلوچستان جا امان الله، جسٽس رٽائرڊ غلام مصطفيٰ ۽ جسٽس (ر) احمد لاشاري جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*