وزيراعظم نواز شريف جي خصوصي معاون طارق فاطمي، ترڪي جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري باغي فوجي ٽولَي جمهوريت تي راتاهي جي ڪوشش جي مذمت ڪئي

Tariq-fatmi-16716

وزيراعظم نواز شريف جي خصوصي معاون طارق فاطمي ترڪ پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪي ۾ باغي فوجي ٽولي پاران اقتدار تي قبضي جي ڪوشش جي مذمت ڪري ٿو.

وزيراعظم نواز شريف جي خصوصي معاون طارق فاطمي، ترڪي جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري باغي فوجي ٽولَي جمهوريت تي راتاهي جي ڪوشش جي مذمت ڪئي.

طارق فاطمي چيو ته پاڪستان، ترڪيءَ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، جمهوريت تي قبضي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاران حمايت تي هــُو ٿورائتا آهن ۽ ترڪي پنهنجي دوست ملڪ مان اهڙي ئي اميد رکي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*