صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال لاڙڪاڻي کان ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو

Sohail-Anwar-Siyal-16716

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال لاڙڪاڻي کان ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، ذريعن موجب گهرو صوبائي وزير ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ اڄ ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪندا، جنهن ۾ اسد کرل کي گرفتاري کان بچائڻ واري معاملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال موهن جو دڙو ايئرپورٽ کان خصوصي اڏام ذريعي  ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي گهرو وزير ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ اڄ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪندا.

ذريعن موجب ملاقات ۾ اسد کرل کي گرفتاري کان بچائڻ واري معاملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي ڪري هڪ سياسي شخصيت جي دوست اسد کرل کي گرفتار ڪيو ويو هو ته وڏي انگ ۾ ماڻهن گڏ ٿي کيس ڇڏائي ورتو هو.

 رينجرز گذريل ڏينهن موهن جو دڙو ويجهو  ڇاپا هڻي صوبائي گهرو وزير جي ڀاءُ طارق سيال جي ويجهي ساٿي عابد ٻگهيو  سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.

رينجرز گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي گهر ڀرسان به سنيپ چيڪنگ ڪئي هئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*