ترڪي جي جلاوطن مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن ترڪ صدر جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته فوجي بغاوتن جي سدائين مخالفت ڪئي آهي ۽ 5 ڏهاڪن تائين بغاوت کي منهن ڏنو،

fateh-ullah-golan-turkey-16716

ترڪي جي جلاوطن مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن ترڪ صدر جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته فوجي بغاوتن جي سدائين مخالفت ڪئي آهي ۽ 5 ڏهاڪن تائين بغاوت کي منهن ڏنو، رجب طيب اردگان جا الزام توهين آميز آهن.

ترڪي جي جلا وطن مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان طرفان لڳايل الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته هــُو گذريل پنج ڏهاڪن کان بغاوت کي منهن ڏئي رهيا آهن، ترڪ صدر طرفان مٿس لڳايل الزام توهين آميز آهن.

ترڪي جو مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن اڄڪلهه امريڪي رياست پينسلوانيا ۾ جلاوطني ڪاٽي رهيو آهي.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن فوجي بغاوت ۾ ملوث آهي ۽ باغي فوجي پينسلوانيا مان هدايتون وٺي رهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*