ترڪي ۾ فوج جي هڪ باغي گروپ پاران اقتدار جي قبضي واري ڪوشش کي عوام ۽ پوليس پاران ناڪام بڻائڻ کانپوءِ ايئر بيس تي يرغمال بڻايل آرمي چيف خلوصي عقار کي پڻ بازياب ڪرايو ويو

Turkey-16716

ترڪي ۾ فوج جي هڪ باغي گروپ پاران اقتدار جي قبضي واري ڪوشش کي عوام ۽ پوليس پاران ناڪام بڻائڻ کانپوءِ ايئر بيس تي يرغمال بڻايل آرمي چيف خلوصي عقار کي پڻ بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته بغاوت تي ترڪ فوج جي 5 جنرلز ۽ 29 ڪرنلز کي پنهنجي عهدن تان هٽايو ويو، باغين جي فائرنگ ۽ بم حملن جي نتيجي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ فوج جي هڪ باغي گروپ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ترڪي جي لکين عوام، پوليس ۽ فوج مڪمل طور تي ناڪام بڻايو ۽ حڪومت سمورن ادارن جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايئربيس تي يرغمال بڻايل ترڪ آرمي چيف خلوصي عقار کي بازياب ڪرائي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته استنبول ايئرپورٽ تي معطل ٿيل فلائيٽ آپريشن به بحال ڪيو ويو آهي.

ترڪ ميڊيا موجب فوج جي 5 جنرلز ۽ 29 ڪرنلز کي بغاوت تي پنهنجي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته 754 فوجين هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي.

باغي فوجي ٽولي پاران گن شپ هيليڪاپٽر سان فائرنگ ۽ جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 17 پوليس اهلڪارن سميت 90 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته ترڪ فوج جي هڪ باغي ٽولي حڪومت جو تختو اوندو ڪري اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران اسپيشل سڪيورٽي فورسز جي هيڊ ڪواٽر تي حملي ڪيو ويو ان ۾ 17 اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته استنبول ۾ باغي فوج جي هوائي حملي ۾ 12 شهري مارجي ويا.

ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته باغي ٽولي ترڪي جي سرڪاري ٽي وي، پارليامينٽ هائوس، اتاترڪ ايئرپور، انقرا ۽ استنبول ۾ اهم سرڪاري عمارتن تي به چڙهائي ڪئي ۽ ملڪ ۾ اعلان ڪرايا ويا ته فوج اقتدار تي قبضو ڪيو  آهي.

باغي فوج جي ڪارروائين بعد استنبول ۽ انقرا ايئرپورٽ تان فلائٽ آپريشن معطل ٿي ويو،  جنهن بعد ترڪ صدر جي اپيل تي ترڪ جو لکين عوام روڊن تي نڪري آيو، جنهن بعد باغي فوج جي ٽولي سان چڪريون ٿيون.

ترڪ ميڊيا موجب، باغي گروپ جي اقتدار تي قبضي واري ڪوشش کي  مڪمل طور تي ناڪام بڻايو ويو آهي، باغي فوج جي قبضي هيٺ آيل سرڪاري ٽي وي، پارليامينٽ هائوس، ايئرپورٽس ۽ ٻين اهم سرڪاري عمارتن تان قبضو ڇڏرايو ويو آهي ۽ ترڪي ۾ فلائيٽ آپريشن به بحال ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*