پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر ياسر شاهه جو چوڻ آهي ته کيس انگلينڊ خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي خوشِي ٿي آهي

Yasir-Shah-16716

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر ياسر شاهه جو چوڻ آهي ته کيس انگلينڊ خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي خوشِي ٿي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ميچ ۾ سندس ڪارڪردگي ڪاميابي ۾ اهم ثابت ٿيندي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ جاري چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي جي ٻئين ڏينهن قومي ٽيم 339رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان مصباح الحق 114رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته اسد شفيَق، 73، محمد حفيظ 40، يونس خان 33 ۽ سرفراز احمد 25رنز جي اننگ کيڏي.

ٻئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلش ٽيم پاڪستاني ليگ اسپنر ياسر شاهه جي بالنگ آڏو بيوس نظر آئي ۽ ٻئي ڏينهن جي ختم ٿيڻ تي ست وڪيٽن جي نقصان تي 253رنز اسڪور ڪيون.

انگلش ٽيم پاران جوءِ روٽ 48، بيئراسٽو 29۽معين علي 23رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيو،جڏهن ته ڪرس ووڪس بالنگ ۾ سٺي پرفارمنس جو مظاهرو ڪرڻ بعد بيٽنگ ۾31 جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ آهي.

پاڪستان جي ٽيم پاران ليگ اسپنر ياسر شاهه پنج ،جڏهن ته محمد عامر ۽راحت علي هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

ياسر شاهه جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي مان خوشِ آهي ۽ وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*