سوشل ميڊيا تي تڪراري وڊيوز ۽ تصويرن جي ذريعي شهرت ماڻيندڙ اسڪينڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ويجهو قتل ڪيو ويو

Qandeel-Baloch-16716

سوشل ميڊيا تي تڪراري وڊيوز ۽ تصويرن جي ذريعي شهرت ماڻيندڙ اسڪينڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ويجهو قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ غيرت جي نالي تي گهٽو ڏئي قتل ڪيو.

ملتان ويجهو مظفرڳڙهه جي گرين ٽائون واري علائقي ۾ ماڊل قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي پوليس پاران تصديق ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته قنديل بلوچ قتل ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ ظهور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

پوليس موجب قنديل بلوچ جو ڀاءُ ماڊل جي تڪراري وڊيوز ۽ سوشل ميڊيا تي آيل تصويرن تي ناراض هو، واقعي مان لڳي رهيو آهي ته قنديل کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي.

ماڊل قنديل بلوچ سوشل ميڊيا تي تڪراري وڊيوز ۽ تصويرن جي ذريعي شهرت ماڻي هئي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پنجاب جي علائقي ڪوٽ ادو جي رهواسي عاشق حسين سان شادي جون خبرون سامهون آيو هيون.

قنديل بلوچ گذريل ڪافي عرصي کان ميڊيا جي خبرن ۾ هئي، مفتي عبدالقوي سان سيلفيز ۽ وڊيوز منظر عام تي اچڻ بعد مفتي عبدالقوي کي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي ميمبرشپ تان به هٽايو ويو هو.

قنديل بلوچ ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ گهرو وزارت کي سڪيورٽي لاءِ درخواست ڪئي هئي پر گهرو وزارت کي سڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪندي ويجهي ٿاڻي ۾ درخواست ڏيڻ جو چيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*