وفاقي ڪابينا جي فيصلن ۾ترميم ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت خلاف اعلانيل ڪارو ڏينهن 19 جولاءِ بدران 20 جولاءِ تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو

Kashmir-Black-Day-16716

وفاقي ڪابينا جي فيصلن ۾ترميم ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت خلاف اعلانيل ڪارو ڏينهن 19 جولاءِ بدران 20 جولاءِ تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 19 جولاءِ تي يوم الحاق ڪشمير ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ميان نواز شريف جي هدايتن تي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڪيل فيصلن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم هائوس موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي خلاف 19 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي 20 جولاءِ تي ملهايو ويندو.

وزيراعظم هائوس جو چوڻ آهي ته 19 جولاءِ تي ڪشميري ڀائرن سان ايڪي جي اظهار طور يوم الحاق ڪشمير ملهايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*