عبدالله جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي 21جولاءِ ۽ حليما قتل ڪيس جي ٻڌڻي 24جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي

AbdullahCase-2716

ڪراچي ۾ قتل ڪيل  ناري حليما جي پٽ  عبدالله سان سٽي ڪورٽ ۾ سندس دعويدار پيءَ چوڌري اقبال  ٽيون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي، عبدالله جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي 21جولاءِ  ۽ حليما قتل ڪيس جي ٻڌڻي 24جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

عدالت جي حڪم تي ايڌي سينٽر ۾ ترسايل عبدالله سان سٽي ڪورٽ ۾ سندس دعويدار پيءَ چوڌري اقبال ٽيون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران چوڌري اقبال عبدالله کي تحفا ڏئي پاڻ ڏانهن آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڄ به عبدالله، چوڌري اقبال ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت  ۾  عبدالله جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي  دوران ايڌي سينٽر جي وڪيل جي غير موجودگي سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

نادرا چوڌري اقبال ۽ حليما جي نڪاح نامي جي تصديق بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

چوڌري اقبال جي وڪيل جو چوڻ آهي ته نادرا پاران نڪاح نامي جي رپورٽ ڏيڻ بعد ڊي اين اي ٽيسٽ جي ضرورت نه آهي.

حليمه قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار رضوان ۽ سندس گهر واري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وڪيلن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*