رينجرز هٿان گرفتار ڪيل اسد کرل جي ويجهي ساٿي عابد ٻگهيو کي پوليس حوالي ڪيو ويو

Asad-karal-16716

رينجرز هٿان گرفتار ڪيل اسد کرل جي ويجهي ساٿي عابد ٻگهيو کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن رينجرز لاڙڪاڻي ويجهو ڪارروائي ڪري 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.

ڳوٺ ڪاراڻي تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيل اسد کرل جي ويجهي ساٿي عابد ٻگهيو کي رينجرز پاران پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

رينجرز گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ويجهو مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري عابد ٻگهيو  سميت 11ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

رينجرز گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي گهر ڀرسان به سنيپ چيڪنگ ڪئي هئي.

 واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي ڪري هڪ سياسي شخصيت جي دوست اسد کرل کي گرفتار ڪيو ويو هو ته وڏي انگ ۾ ماڻهن گڏ ٿي کيس ڇڏائي ورتو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*