سنڌ بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن ٽنڊي محمد خان مان ڦر الزام هيٺ وڪيل ابراهيم ابڙي جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي اويس شاهه جي بازيابي ۾ ناڪامي تي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو

Karachi-wakeel-16716

سنڌ بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن  ٽنڊي محمد خان مان  ڦر الزام هيٺ وڪيل ابراهيم ابڙي جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي اويس شاهه جي بازيابي ۾ ناڪامي تي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، وڪيلن اويس شاهه جي اغوا خلاف ايندڙ اڱاري ۽ اربع تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين منصور لغاري،  ڪراچي بار جي صدر محمود الحسن ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيل ابراهيم ابڙو جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

هنن چيو ته ڪنهن به جوابدار کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي پر ابراهيم ابڙو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هنن چيو ته ابراهيم ابڙو واري معاملي  جو ذميوار آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه آهي.

وڪيل اڳواڻن اويس شاهه جي بازيابي ۾ ناڪامي تي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته  اويس شاهه جي اغوا ۽ ابراهيم ابڙي جي گرفتاري خلاف ايندڙ اڱاري ۽ اربع تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*