ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ باغين خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون جاري

turkey-poeple

ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ باغين خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون جاري آهي، 6 جرنيلن ۽ درجنين ڪرنلز سميت هزارين باغي فوجين کي گرفتار ڪري  27 سئو کان وڌيڪ ججز کي به هٽايو ويو آهي، جڏهن ته  بغاوت ناڪام بڻائيندڙ ترڪ عوام فتح جو جشن ملهائي رهيو آهي.

ترڪي ۾ ناڪام فوج بغاوت جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ به اڪثر علائقن ۾ باغين خلاف آپريشن جاري آهي ۽ بغاوت جي اصل سازشن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

فوجي بغاوت جو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي خوشيءَ ۾ استنبول سميت مختلف شهرن ۾ ماڻهن جشن ملهايو ۽ تقسيم اسڪوائر تي ماڻهن جي ترڪ عوام پاران جمهوري جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته ناڪام فوجي بغاوت کانپوءِ صورتحال مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به باغي ٽولي خلاف آپريشن ۽ وٺ پڪڙ وارو سلسلو به جاري آهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ته ترڪي ۾ بغاوت واري منصوبي جي پٺيان اصل ڪنهن جو هٿ آهي، ان سلسلي ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ترڪ ميڊيا موجب پوليس فوج جي اعليٰ آفيسرن سميت باغي ٽولي جي تقريبن 3 هزار اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ترڪ اختيارين پاران 27 سئو 45 ججز کي برطرف ڪيو ويو آهي.

ترڪ فوج جي ٿرڊ آرمي جي ڪمانڊر جنرل اِدرڪ اوزترڪ ۽ ڪانسٽي ٽيوشنل ڪورٽ جي جج الپ ارسلان التان کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي………..a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*