ڪراچي ۾ اي سي ايل سي پوليس هٿان جيڪب آباد واسي 4 واپارين جي اغوا واري انڪشاف بعد ڊي آءِ جي سي آءِ اي سلطان خواجه آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

jecobabad-wapari

ڪراچي ۾ اي سي ايل سي پوليس هٿان جيڪب آباد واسي 4 واپارين جي اغوا واري انڪشاف بعد ڊي آءِ جي سي آءِ اي سلطان خواجه آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، متاثر واپارين جو چوڻ آهي ته سلطان خواجه جي هدايتن بعد هو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته کين اغوا ڪندڙ اهلڪار ٿاڻي تي ئي موجود هئا.

جيڪب آباد واسي عبدالحق بروهي سميت 4 واپارين جو چوڻ آهي ته  اي اسي ايل سي اهلڪارن  صدر واري علائقي مان  کين اغوا ڪري  تشدد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ بعد آزاد ڪيو.

 واپارين موجب اي سي ايل سي  لياقت آباد جي اهلڪارن هڪ موبائل ۽ ٻن خانگي گاڏين ۾کين صدر واري علائقي ۾ هڪ هوٽل مان اغوا ڪرڻ بعد ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي 20 لک 75 هزار رپيا ڦر ڪرڻ بعد آزاد ڪيو.

 واپارين جو وڌيڪ چوڻ هو اي سي ايل سي اهلڪارن کين هوٽل تان اغوا ڪرڻ دوران هوٽل ۾ لڳل ڳجهيون ڪئميرائون به بند ڪرايون هيون ۽ کين 2 ڏينهن يرغمال بڻايو ويو.

آءِ جي سنڌ پاران ڪراچي ۾  اي سي ايل سي اهلڪارن هٿان شهرين جي اغوا واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد  ڊي آءِ جي سي آءِ اي سلطان خواجه جيڪب آباد واسي 4 واپارين اغوا بابت رپورٽ آءِ جي سنڌ حوالي ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب ڊي آءِ جي سلطان خواجه پنهنجي رپورٽ ۾ اي سي ايل سي اهلڪارن هٿان واپارين جي اغوا جي تصديق ڪئي آهي.

 واپارين جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي سلطال خواجه جي هدايتن تي هو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نارٿ ناظم آباد ٿاڻي تي پهتا ته کين اغوا ڪندڙ اهلڪار ٿاڻي ۾ موجود هئا، جنهن کانپوءِ هو ڪيس داخل ڪرائڻ کانسواءِ موٽي آيا.

واپارين جو چوڻ آهي ته کين اغوا ڪندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي ۽ سندن ڦر ٿيل رقم واپس  ڪرائي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*