رينجرز ۽ پوليس باقراڻي ويجهو پٺاڻ ابڙو ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن دوران بدنام ڏوهاري پٺاڻ ابڙو سميت 35 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

baqrani-opration

لاڙڪاڻي ڀرسان رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي بدنام ڏوهاري پٺاڻ ابڙو سميت 35 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب گرفتار ڪيلن مان ڪجهه جوابدار صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق سيال ۽ اسد کرل جا حامي آهن.

باقراڻي ويجهو ڳوٺ پٺاڻ ابڙو تي رينجرز ۽ پوليس ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن بعد بدنام ڏوهاري پٺاڻ ابڙو سميت 35 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ  آهي ته گرفتار ڪيلن ۾ پٺاڻ ابڙو سميت اڪبر، دوست محمد، رفيق، گلاب، منور، اقبال، اياز، نياز ابڙو  ۽ ٻيا شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري پٺاڻ ابڙو عرف بٺو پوليس مقابلن، ڦرن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گهربل آهي. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا  ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ  آهي ته گرفتار ڪيلن مان ڪجهه جوابدار صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق سيال ۽ اسد کرل جا حامي آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*