استنبول ۾ ڦاٿل 228 پاڪستانين کي ٻن اڏامن ذريعي ڪراچي ۽ 165 پاڪستانين کي نجي اڏام ذريعي اسلام آباد جي شهيد بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچايو ويو

PIA11-9

ترڪيءَ ۾ فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائڻ کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب استنبول ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ چار اڏامون پاڪستان پهچي ويون آهن.

استنبول ۾ ترسيل 228  پاڪستانين کي کڻي ترڪ ايئر لائين  جون ٻه  اڏامون ڪراچي پهتيون، انهن مان  ترڪ ايئر لائين  جي اڏام ٽي ڪي 708 ڏيڍ سئو پاڪستانين کي کڻي رات  3 وڳي ۽ ٻي اڏام ٽي ڪي 118 ، 78 مسافرن کي کڻي صبح  ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي.

مسافرن جو چوڻ هو ته ناڪام فوجي بغاوت  سبب استنبول  ۾  ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

ٻئي پاسي 2 اڏمون پاڪستانين کي کڻي لاهور ۽ اسلام آباد پهتيون، جڏهن ته  وزيراعظم جي هدايت تي قومي ايئر لائين  جي هڪ اڏام  اڄ  استنبول ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*