دادو ۾ هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مريض سڙي زخمي ٿي پيا

dadu-fire

دادو ۾ هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مريض سڙي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائر برگيڊ  عملي باهه تي ضابطو آڻي ورتو آهي.

سٽي ميڊيڪل  سينٽر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي، جنهن دوران سينٽر ۾ داخل عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مريض سڙي زخمي ٿي پيا.

سڙي زخمي ٿيلن ۾ ياسين سولنگي، مسمات آمنت پنهور، مسمات حميدان  ۽ ٻيا مريض شامل آهن، جن کي دادو جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ميڊيڪل سينٽر کي باهه لڳي آهي، جنهن تي فائر برگيڊ ضابطو آڻي ورتو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*