ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ تي ن نوجوانن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

karachi-aziz-bhati--police

ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ تي ٻن پوليس اهلڪارن ٻن نوجوانن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، ايس ايس پي اوڀر ٻنهي اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻنهي اهلڪارن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪارن موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ تي ٻن نوجوانن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.

ايس ايس پي اوڀر واقعي جو نوٽيس وٺندي نوجوانن تي تشدد ڪندڙ ٻنهي اهلڪارن ڪامران سومرو ۽ محمد عمر کي معطل ڪرڻ بعد جاچ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس ٻنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي اوڀر فيصل چاچڙ جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن جو شهرين تي اهڙو تشدد قبول ناهي.

صوبائي گهرو وزير نوجوانن تي اهلڪارن جي تشدد جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته پوليس ۾ ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

گهرو وزير ڊي آءِ جي اوڀر سان فون تي رابطو ڪري چيو آهي ته پوليس عوام سان پنهنجو رويو بهتر ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*