ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ بند ڪرڻ واري فيصلي سان سياست جو ڪو به واسطو ناهي:نيب ترجمان

nab-ishaq-dar

نيب ترجمان چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ بند ڪرڻ واري فيصلي سان سياست جو ڪو به واسطو ناهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران اسحاق ڊار خلاف جاچ بند  ڪرڻ بعد نيب مٿان ڪيل تنقيد تي رد عمل ظاهر ڪندي نيب ترجمان چيو ته اسحاق ڊار خلاف 15 سالن کان جاچ هلي رهي هئي ۽ جن ٽيمن پاران معاملي جي جاچ ڪئي وئي هئي، انهن جي سفارشن تي ئي جاچ بند ڪئي وئي آهي.

نيب ترجمان موجب عمران خان پاران نيب مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اسحاق ڊار خلاف جاچ بند ڪرڻ واري معاملي جو سياست سان ڪو به واسطو ناهي.

 هن وڌيڪ چيو ته رڳو اسحاق ڊار خلاف نه پر ڪيترن ئي اهم شخصيتن خلاف جاچ بند ڪئي وئي، عمران خان کي اهڙا الزام نه لڳائڻ گهرجن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*