قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۾ ملاقات

shah-khurshid-qurishi

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۾ ملاقات ڪري پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آرز ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته خميس تائين اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري بابت اڳڀرائي ٿي ويندي.

اسلام آباد ۾ اپوزيشن ليڊر خورسيد شاهه سان سندس چيمبر ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن دوران سڀاڻي اپوزيشن جماعتن جي اجلاس بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسحاق ڊار سان گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات بابت شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو ويو.

خورشيد شاهه چيو ته، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري بابت خميس تائين اڳڀرائي ٿيڻ جو امڪان آهي، حڪومت کي گذارش آهي ته ذاتي پسند ناپسند کان مٿڀرو ٿي فيصلو ڪري………………..

ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته معاملا اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪنهن به غير جمهوري قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*