ڀارت ۽ افغانستان سهڪار ڪن ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو رحمان ملڪ

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جا ڪيس نه ٻڌا ويندا ۽ نه ئي سياسي پارٽين کي نشانو بڻايو ويندو، ڀارت ۽ افغانستان سهڪار ڪن ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

رحمان ملڪ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فوجي عدالتن بابت وفاقي حڪومت جو فيصلو نه مڃون ها ته  وڌيڪ دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوي ها.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو سلمان تاثير ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن کي دهشتگردن نشانو بڻايو.

رحمان ملڪ چيو ته ملا  فضل الله ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ تي ڀارت کان مبارڪون وٺندو رهيو آهي ۽ ڀارتي  وزير اعظم کي پاڪستان خلاف الزامن جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي.

پ پ اڳواڻ چيو ته فوجي عدالتن ۾ سياسي پارٽين کي نشانو نه بڻائڻ جي ضمانت ڏني وئي آهي ۽ پ پ فيصلو ڪيو آهي ته آئين ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي.

رحمان ملڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت ۽ افغانستان سهڪار ڪن ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

هن چيو ته حڪومت داعش کي اڀرڻ کان اڳ ان جو خاتمو آڻي.

رحمان ملڪ چيو ته سمورن مدرسن ۾ دهشتگرد کي سکيا نٿي ڏني وڃي  ۽ نه ئي سمورا شاگرد دهشتگردي ۾ ملوث آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*